اسلام آباد – 02 نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي آئيني حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ لاءِ سڀئي ممڪن سهولتن جي فراهمي جاري رکنداسين. پنهنجي مبارڪباد واري پ??غام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ميان عامر محمود کي چيئرمين، سلمان اقبال ۽ مير ابراهيم کي وائيس چيئرمين، شڪيل مسعود سي??رِيٽري جنرل، احمد زبيري کي جوائنٽ سي??ريٽري ۽ محمد اطهر کي فنانس سي??ريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.