اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، سمورن سيڪٽرز جي توانائي جي ??رو??تن کي پورو ڪرڻ تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ تي ڪم جا??ي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار توانائي شعبي بابت جا??زه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.