اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌ?? ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطل??عا?? واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي ??نه?? ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي فراز گاڏي مان لهڻ کانپ??ءِ تحمل سان مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپ??ءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاقي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ?? وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.