اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ??يئ??مين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدارت ۾ ا??لاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خ??يد??ري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سم??رن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.