اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) فل??طيني عوام سان يڪجهتي ??ي اظهار ۽ مظلوم فل??طيني عوام خلاف اسرائ??لي وحشياڻن حملن جي مذمت لاءِ قوم جمعي ڏينهن ”فلسطين جو ڏهاڙو“ ملهائيندي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي مختلف ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، جن ۾ فل??طيني عوام سان يڪجهتي ۽ اسرائيل جي ڏاڍ جي مذمت ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان ظلم خلاف ڇِڪايو ويندو. جمعي نماز جي اجتماعن ۾ القدس جي آزادي ۽ مظلوم فل??طيني عوام لاءِ خاص دُ??ائ??ن گُهريون وينديون. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽس ۾ صدر مملڪت فل??طين ۾ ٿيل شهادتن تي ??فسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان فل??طينين خلاف اسرائ??لي تشدد ۽ غير قانوني قدمن جي مذمت ڪري ٿو، اسرائ??لي قدم انساني حقن، عالمي قانونن ۽ انساني قدرن خلاف آهن، اسان فل??طيني جي حق لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته فل??طين جي حق لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رهنديون. پاڪستان فل??طين مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. صدر مملڪت چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته فل??طينين جا حق ۽ ۽ حياتيون اسان کي عزيز آهن. وزيراعظم عمران خان به فل??طيني جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هو غزه ۽ فل??طين سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان فل??طيني ۽ غزه جي عوام سان يڪجهتي ۽ وابستگيءَ جو اظهار ڪندي هڪ مضبوط پيغام ڏنو. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته اسان غزه ۽ فل??طين جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن پنهنجي ٽوئيٽ تان عظيم دانشور نوم چومسڪي جو قول به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن آزاد فل??طين جي حمايت ۾ لکيو ته توهان اسان جو پاڻي کڻو ٿا، اسان جي زيتونن جا وڻ ساڙيو ٿا، منهنجو گهر تباهه ڪريو ٿا، مون کان منهنجو روزگار ڇنيو ٿا، مون کان منهنجي سرزمين کسي آهي، منهنجي والد کي قيد ۾ وڌو آهي، منهنجي امڙ کي شهيد ڪيو ۽ منهنجي ملڪ تي ??مباري ڪئي، اسان سڀني کي بُکيو ماريو، اسان کي مجبور ڪريو، ان باوجود الزام ته مون تي ??ي لڳندو ته مان هڪ راڪيٽ فائر ڪيو آهي. فل??طين سان يومِ يڪجهتيءَ جي حوالي سان ٻين سياسي مذهبي جماعتن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽيءَ سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فرد ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا، جن ۾ فل??طين خاص طور تي ??زه ۾ اسرائيل جارحيت ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي ??لاف آواز اُٿاريو ويندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي اسرائيل جي فل??طين تي ??ارحيت خلاف گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ ??نظ??ر ڪيو آهي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان فل??طين ۾ جاري اسرائ??لي جارحيت جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڀريو ويو آهي.