اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهمي جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي ??ان هم آهنگي ??ان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪي??. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صد?? کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر ??ملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪي?? ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.