اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته ال??ڪشن کان اڳ گيلپ سروي ۾ 44 سيڪڙو ماڻهن جي پي ٽي آءِ، ن ليگ 12 سيڪڙو ۽ پيپلزپارٽي 9 سيڪڙو حمايت جي رپورٽ جاري ڪئي هئي، پي ٽي آءِ ان کان وڌيڪ ڪشميرين جي سپورٽ ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، ن ليگ ڪشميرين جا پنج سال ضايع ڪري ڇڏيا، فاروق حيدر حڪومت انهن پنج سالن ۾ ڪشمير کي ڇا ڏنو، پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ رڪارڊ ووٽ حاصل ڪيا، ن ليگ کانسواءِ پيپلزپارٽي، مسلم ڪانفرنس، مقامي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي اميدوارن به ووٽ کنيا، ن ليگ ڇو انهن وٽن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو ڏهاڙيدار حمد ال??ه محب سان ملاقاتون، مودي کي گلي ??ڳا??ڻ، حلف نامي تي نچندو ڪڏندو وڃڻ، انبن ۽ ساڙهين جي تحفي جي بدلي ڪشمير جو سودو ڪندڙن سان ڪشميرين حساب برابر ڪري ڇڏيو. راجا فاروق حيدر، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته عمران خان آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات دوران اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪئي، نواز شريف وانگر پرچيون نه کڻي ويو، هن چي?? ته اهو عجيب منطق آهي ته جتي ن ليگ وارا کٽي وڃن اتي ال??ڪشن شفاف ۽ جتي هارائي وڃن تي ڌانڌلي ٿي ويندي آهي، ن ليگ کي گهرجي ته هو کلي دل سان چونڊ نتيجن کي تسليم ڪريو ۽ سڪون سان آئيني مدو پورو ٿيڻ جو انتظار ڪري. هن چي?? ته ن ليگ جي چونڊ مهم عمران خان تي تنقيد، الزامن کانسواءِ ڪجهه نه هئي، مريم پوري ال??ڪشن مهم ۾ پنهنجي چاچي مودي جو نالو نه ورتو ۽ نه ئي مودي جي پاليسين جي مذمت ڪئي، هن چي?? ته ن ليگ کي هاڻي عادي ٿي وڃڻ گهرجي ڇو ته گلگت بلتستان جي ال??ڪشن مهم ۾ اهڙيون ئي وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون پر سمورين سيٽن تي اميدوار نه بيٺل نه هئا، راجا فاروق حيدر جي ڪاميابي کي (ن) ليگ ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي، هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي مرحلي تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪو نتيجو نه مڃي ته ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، ن ليگ کي ناڪام تحريڪن ??و وڏو تجربو ٿي چڪو آهي، هاڻي آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائيندي، هن چي?? ته جيڪو ڪم نواز شريف ۽ شهباز نه ڪري ??گه??ا اهو ڪم مريم صفدر ڪجهه مهينن ۾ ڪري ڏيکاريو، ان ڳالهه جو ڪريڊٽ واقعي ئي مريم ڏانهن ويندو آهي ايتري گهٽ عرصي ۾ پوري پارٽي کي درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.