اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پ??وٽ??ڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ??يو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چي?? ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ??صوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چي?? ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.