اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي ج?? عوام جي وقار کي م??روح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي ج?? چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم ک?? پناهگاهن جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ک?? ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي م??يار جي هوٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي م??املن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم ک?? ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي ج?? حصو آهي، پناهگاهن سان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي م??ڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن سان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ان جو تعلق الله ۽ ان جي م??لوق جي خدمت سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي م??ڻهن جي وقار کي م??روح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي م??بور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.