اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جان?? ۽ ??الي نقصانن کي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ هنن متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هنن هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ متاثر علائقن ۾ فوري رليف جي فراهمي کي يقين?? بڻايو وڃي، ه??ن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ز??زلي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جا درجا بلند فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتياب ڪري.