اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اف??انستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اف??انستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزير?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي اف??انستا?? جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير اف??انستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اف??انستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ اف??انستا?? جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اف??انين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪ?? جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪ?? جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستا?? جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستا?? جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقين?? جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپ?? جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.