اسلام آ??اد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچس??ان عوامي پارٽي جي سين??ئر اڳواڻ جان محمد جمالي کي بلوچس??ان اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته جان محمد جمالي جي سياسي تجربي مان سمورا صوبائي اسيمبلي ميمبر فائدو کڻندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته صوبائي ۽ قومي سياست سان گڏوگڏ بلوچس??ان جي ترقي جي لاءِ جان محمد جمالي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ جان محمد جمالي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ گڏ کڻي هلندو.