اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊان نيوز جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ سينئر صحافي ضياءُ الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? ضياءُ الدين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، مرحوم ??ڪ باصلاحيت ۽ آزاد صحافي هو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ت?? ضياءُ الدين مرحوم جي شخصيت ۾ ديانت ۽ دليري شامل هئي، مرحوم جي صحافت جي ش??بي ۾ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا جي الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي صبر عطاءُ فرمائي.