استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻٽر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم ??يو ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو ??يال رکيو ويندو هو، هن ??يو ته اها رياست ترقي جو ??هترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو ??نياد رکيو. هن ??يو ته هر اها قوم جيڪا رياست مديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جنهن جو ??هترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن ??يو ته ڪورونا وبا جي ??ور??ن اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو ??ستو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن ??يو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.