اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊاڪٽر زيلف منير کي پاڪستان ايڊورٽائيزرز سوسائٽي جو چيئرپرسن، خالد فريد کي نائب چيئرمين، فرحين سلمان کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار ۽ ڪائونسل ميمبر ايڊورٽائيزرز برادري جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ اشتهارن ??ي صنعت جي طريقن کي م??ياري بڻائڻ لاءِ بامقصد قدم کڻندا.