اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي آئين تحت اسپيڪر جي رولنگ ڪنهن فورم تي چئلينج نٿي ڪري سگه??ي، اسان چُونڊُون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، صدر عمران خان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کان عبوري حڪومت جي لاءِ نالا طلب ڪيا آهن. ٽي ??ر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پي ٽي ??ءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي ??هي، پاڪستان جي عوام عمران خان سان محبت ڪري ٿي، هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار قوم ۽ ملڪ آهيون، هن چو ته پاڪستان ۾ عمران خان کي سازش تحت بي اعتمادي رٿ جي ذريعي هٽائڻ جي ڪوشش ??ئي وئي، هن چيو ته عمران خان هڪ دفعو ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي ??ڪثريت حاصل ڪري واپس ايندو، هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي غير مقبوليت جي ڪري چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.