اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن جي اسان جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان، جمهوري ماڻه?? تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان ئي رجوع ڪندا آهن، ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪ??را??ڻ جي غيرملڪي سازش جو آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جون شرمناڪ منڊيون سجائي قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري. پي ڊي ايم جي ردعمل جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وز??را??ظم عمران خان چيو ته عام چونڊن جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان. هن چيو ته پي ڊي ايم ته آسمان سر تي کڻي ڇڏيو هو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ عوام ۾ پنهنجي تائيد ۽ مقبوليت وڃائي ويٺي آهي ته هاڻي پي ڊي ايم چونڊن کان خوفزده ڇو آهي. وز??را??ظم چيو ته جمهوري ماڻه?? تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان رجوع ڪندا آهن. هن چيو ته ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪ??را??ڻ جي غيرملڪي سازش ۾ آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جي شرمناڪ منڊيون سجائي اسان جو قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري.