اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ م??دو??ن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان م??دو?? طبقي جي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏينهن پاڪستاني م??دو?? ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي پسند قوم جي عزت جي علامت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي تنهن ڪري اسان تي لازمي آهي ته انهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائون. هن چيو ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي ??ورهيت طبقي جي حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رکي آهي، هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت م??دو??ن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ م??دو?? دوست پاليسيون جوڙي رهي آهي، اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ۽ فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آهي، هن م??دو?? برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ر??ن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قوت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري حڪومت م??دو?? برادري ۽ انهن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي ??هرين تقرير ۾ م??دو??ن جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آهي جيڪا م??دو?? برادري جي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آهي. هن م??دو?? طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.