اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات تمام گهڻي سٺي رهي، اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئي ۽ بلند ترين سطح تي وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته مون سندس بصيرت انگ??ز قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سعودي عرب پاران سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ سعودي عرب جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي ان جو ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چ??و ته اسان سمورن شع??ن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ نون رستن ۽ طريقن تي به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي.