اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي ??زم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا ??ڃي??. وزيراع??م شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ع??دالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراع??م شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي ??زم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته انهن هدفن ک?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.