گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آ??ان?? پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي ??راهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي ??فت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا وين??ا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي ??يشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهيگيرن کي ??رحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ا??تظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.