اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ??خت شرطن جي ??اوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي ??عبي جي لاءِ ??ار??خي اعلان ڪيا ويا آهن، ان کي زيرو ٽيڪس انڊسٽري قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي ??عبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو، پاڪستان جي ??ار??خ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي ??وچ آهي ته معاشي استحڪام رڳو زراعت جي ??ريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي ??عبي ۾ به ??ار??خي اعلان ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم تجوي?? ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي ??خت شرطن جي ??اوجود انڪم ٽيڪس جي ??د 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي، 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ پڻ ??ار??خي اعلان ڪيا ويا آهن، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪشن جي ??ندر پنهنجي ??قافت ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم س??ن نه رڳو پاڪستان جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، آرٽسٽن جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته فلم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهرن جي ??ڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ثقافت ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته هڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسان واڌويجهه جي ??رح 5 سيڪڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ جي ??ندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايندي ئي پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو هو ۽ ان جي ??ندر وڌيڪ 5 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو آهي.