اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? صح??فت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ت?? جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي احسان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صح??فين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صح??فين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صح??فين ۽ صح??فتي ت??ظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلا??ات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صح??فين ۽ صح??فتي ت??ظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صح??فت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صح??فين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي ت?? پي ايف يو جي جي وفد اطلا??ات واري وفاقي وزير کي صح??فين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته صح??فتي ت??ظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صح??فين جا مسئلا حل ڪنداسين.