اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف پاڪستان کان آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ملڪ ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ان سان ??لاڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني واپارين جي تنظيم سيليڪون ويلي ڪيليفورنيا جي صدر جنيد قريشي سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس هت?? ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ انڊسٽري ۽ پاڪستان ۾ آءِ ٽي/ آءِ ٽي اي ايس سيڪٽر جي اهميت ۽ ان کي 2.5 بلين ڊالر کان ??ڌائي 15 بلين ڊالر جي صنعت بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيليڪون ويلي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهميت تي به روشني وڌي وئي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پاڪستان جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جنيد قريشي جي به حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ حصو وجهي. جنيد قريشي ”ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان“ جي عالمي مهم کي به بحث هيٺ آندو ۽ ٻڌايو ته حڪومت جي لاءِ اهو ڪيترو ضروري آهي ته هو مارڪيٽنگ مهم ۾ سڀ کان ??ڌيڪ سيڙپڪاري ڪري ته جيئن عالمي سطح تي نمايان ??قام حاصل ڪيو وڃي. جنيد قريشي وزيرا??ظم کي سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي دوري دوران سيليڪون ويلي جو دورو ڪرڻ ۽ سيليڪون ويلي جي مشهور ترين ٽيڪ ڪمپنين جي اڳواڻن سان ??لڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي ”ٽيڪ ڊسٽينييشن پاڪستان“ جي طور تي پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ آءِ ٽي پاليسين ۾ بهتري لاءِ تجويزون به عور هيٺ آيون، جن کي اختيار ڪرڻ سان ??لڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي ترقي کي وڌيڪ سگهه ملي سگهي ٿي. ملاقات ۾ مائيڪرو ڊگرين ۽ مختص سرٽيفڪيٽ جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته اهي نوجوانن کي آءِ ٽي انڊسٽري ۾ ڀرتي ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ ڪيترا فائديمند ٿي سگهن ٿا.