سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد عارف چيو آهي ته سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ ۽ عبدالغني بٽ سميت سمورن حريت اڳواڻن جي ڪوششن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي ??او??ود ڪشمير جي مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، جنهن تحت ڀارت ??شميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حاجي محمد عارف جو چوڻ هو ته ڀارت ??ذريل 74 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، جنهن تي عالمي براد??ي جي خاموشي سمجهه کان مٿي آهي. هن چيو ته انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ زيادتين جو نوٽيس وٺي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ??شميرين تي ظلم ڪري قبضي جي ڪوشش ۾ نه اڳ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ڪشميري پنهنجي خودمختيا??ي جي حق جي جنگ کٽي رهيا آهن. برهان واني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي جنهن سان ڪشمي??ي جلد آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا.