نئين دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت جي توسيع پسنداڻي ڏوهن تي روشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسڻ جو ڀارتي قدم مسلمان اڪثريتي رياست کي اقليت ?? تبديل ڪرڻ جي انهن جي گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ڀارتي آئ??ن جي خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن جي روح جي به خلاف آهي. هن چيو ته هي هڪطرفو قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سراسر خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جي وسيلن، ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نعيم احمد خان چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غيرقانوني ڀارتي قبضي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ظالماڻا قانون لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ??ه اهي سڀئي قدم ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ وڙهڻ جي انهن جي خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام ر??يا آهن.