اسلام ??باد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي خصوصي هدايتن تي جشن آز??دي جي 75 سالا تقريبن جي لاءِ اسلام ??باد ڪيپيٽل پوليس پهريون ڀيرو ??مورن صوبن جي پوليس کي گهرايو آهي. سمورا صوبائي پوليس جا دستا آز??دي ڏهاڙي جي خصوصي تقريبن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان جي 75 هين آز??دي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. سمورن صوبن مان پوليس جا خصوصي دستا ۽ بينڊ بشمول پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اسلام ??باد پهچي ويا آهن. 13 ۽ 14 آگسٽ تي عوامي جاين تي ف??يگ مارچ ڪيو ويندو. مارچ ۾ سمورن صوبن جا پوليس بينڊ قومي نغمن جون ڌُ??ون وکيريندا. اهي تقريبون صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار هونديون. جشن آز??دي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ آز??دي جي لاءِ قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.