اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??لعه عبدا??له ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻو?? جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻو?? متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻو?? سبب ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدا??له جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻو?? ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻو?? متاثرين جي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.