اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) جي اهتمام هيٺ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) 23 – 2022ع تحت اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن جي لاءِ صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ريڊيو پاڪستان (پي بي سي) جي آفيسرن جي لاءِ پراجيڪٽ مانيٽرنگ اينڊ ايويليوايشن سسٽم (پي ايم اي ايس) بابت هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ ۽ ”آءِ ٽي ڊيجيٽل مي??يا ۽ ماس ڪميونيڪشن“ ۾ هڪ هفتي جو تربيتي ڪورس منعقد ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزار?? مي??يا مئنيجمينٽ ۽ ڊيجيٽل ۽ سوشل مي??يا ۽ تشهير جي لاءِ آءِ ٽي جي استعمال سمي?? مي??يا سان لاڳاپيل شعبن ۾ پنهنجي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي کي تمام ??هڻ?? اهميت ڏي ٿي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت ترقياتي منصوبن جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد جي حوالي سان آفيسرن ۾ بنيادي ڄاڻ پيدا ڪرڻ جي پڻ خواهشمند آهي. هن انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ پي ايس ڊي پي 23 – 2022ع منصوبي تحت صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جاري ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن آءِ ايس اي جي حصيداري سان هڪ ڏينهن وارو پي ايم اي ايس ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پراجيڪٽس ونگ، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت خاص طور تي ڊي جي (ايم آئي ايس) عمران لياقت بيگ کي ساراهيو. ان کان اڳ ڊي ايس (سي اينڊ ڊي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت محمد عثمان ڊار خصوصي ورڪشاپ جي مقصدن اتي روشني وڌي جنهن کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي ماهر خضر ح??ات صابري ترقياتي منصوبن جي مختلف رخن، انهن جي نگراني ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ جي طريقن تي تفصيلي روشني وڌي. عمران لياقت بيگ ۽ خضر ح??ات صابري اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت جي مختلف کاتن جي اٽڪل 30 شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اطلاعات ۽ نشر??ات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سووينيئر ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.