اسلام آباد ̵1; 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو ??واز بڻجي ويو آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لا??ِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لا??ِ نهايت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مو??کي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لا??ِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏ??ل قومن جو ??يڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو ??واز بڻجي ويو آهي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.