نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف د??يا جي ??مير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ريليف ڏين ڇو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سان انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، د??يا کي ان صورتحال ۾ اسان جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان رڳو پنهنجي وسيلن سان ان صورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان اسان جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن کي ريليف جي ??رورت آهي پر آئون د??يا کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي ??رابر آهي پر پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته هن گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هن اهڙي تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي ??در ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻن ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پنهنجي ??قريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن وقت وڏي مدد جي ??رورت آهي. وزيراعظم چيو ته د??يا اسان جي ??يڪا مدد ڪئي ان تي ٿورا مڃون ٿا پر اسان کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ??رورت آهي. لکين ٻار بيماري ۾ وٺجي ??هيا آهن، بيٺل پاڻي سان وبائي مرض پکڙجي ??هيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻارن جي ??ذا جي ??رورت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، اسان کي ماڻهن جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي ??رورت آهي، متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ د??يا اسان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم د??يا جي ??وشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ??دائيگي ۾ ريليف ڏنو وڃي ڇو ته ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان تي قرضن جي ??دائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي ??هيو آهي، پاڪستان جي لاءِ اها مشڪل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثرين جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي اسان مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي ????اب ۾ وزيراعظم چيو ته روس جي ??در ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي ??والي سان جائزي وٺڻ جي ??اطري ڪرائي آهي پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪستان روس سان ڪڻڪ جي ??ريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي جي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته د??يا اسان جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستان جي ??ياسي صورتحال جي ??والي سان هڪ سوال جي ????اب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان کي اتحاد، يڪج??تي?? مصالحت ۽ امن جي ??رورت آهي، موجوده صورتحال اسان کان اخوت ۽ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي ??دمت ۽ متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ??رورت آهي، اسان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان اڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته د??يا هن مشڪل صورتحال ۾ اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته موسمياتي تبديلين کان اڄ اسان متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت سان لاڳاپن جي ??والي سان هڪ سوال جي ????اب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ اسان کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنهن جي ??ريعي اسان پنهنجي ??وام جي ??ندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.