اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر ??ٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ض??عن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئم??ون لڳائي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئم??ون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ض??عن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ض??عن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ض??عن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ض??عن ۾ 11 هيلٿ ڪئم??ون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.