اسلا?? آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني جي چوري پڪڙي وئي، اليڪ??ن ڪميشن تي حملو ڪرڻ سان نااهلي ختم نه ٿي ٿئي، طاقتور فارن فنڊيڊ فتنو آخر قانون جي هيٺان اچي ويو، هاڻي ملڪ خوشحال ٿيندو، رڳو نااهلي نه عمران نيازي کي هاڻي جيل به وڃڻو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي، عمران خان اليڪ??ن ڪميشن کي ڪا به رسيد ناهي ڏني، اليڪ??ن ڪميشن نااهل نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو 2019ع کانپوءِ ڪو به تحفو توشا خانا ۾ جمع ناهي ڪرايو، اليڪ??ن ڪميشن نااهل نه ڪري ته ڇا ڪري؟ فارن فنڊيڊ فتني توشا خانا ۾ تحفا نه صرف پئسا جمع ڪرايا، اليڪ??ن ڪميشن نااهل نه ڪري ته ڇا ڪري؟