اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڪائونٽنگ ۽ ماحولياتي شعبي سميت ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ريجنل ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي ٽولز سميت جدت کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? پاڪستا?? کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريق?? کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان (آءِ سي اي پي) جي ڪانووڪيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آءِ سي اي پي اشفاق يوسف تولا، نائب صدرن، اڪائونٽنٽ ۽ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر فيصلاسازن ۽ ادارن تي زور ڏنو ته اهي هڪ موثر نظام قا??م ڪن ته جيئن نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ جي لاءِ انهن جي لاڳت جو اندازو لڳائي ان جو استعمال يقيني بڻائي سگهجي ۽ ترقي يافته دنيا سا?? هم آهنگ رهڻ جي لاءِ ا?? کي تيزي سا?? اختيار ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ۽ معاون ڍانچو جوڙيو وڃي. هن سرڪاري شعبي جي لاءِ اڪائونٽنٽ ۽ آٽو ميشن جي ڊبل انٽري جي نظام کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سڄي دنيا جون معيشتون آءِ سي ٽي ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي مدد سا?? آٽو ميشن تيز رفتار مالياتي ماڊلز ۽ محفوظ ڏي وٺ جي نظام جي طرف تيزي سا?? منتقل ٿي رهيون آهن. صدر چيو ت?? پاڪستان تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سميت تربيت يافته ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ انهن ??ي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آڻڻ ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريق?? کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته روايتي تعليمي نظام جي ابتڙ هائبرڊ ۽ آن لائين تعليم سا?? گريجوئيٽس جي انگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن ??يو ته 2 سا??ا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام تي به غور ڪرڻ گهرجي ڇو ته صنعت ۽ مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز جي پروگرام کي ساراهيو، جنهن سڄي پاڪستان ۾ مستحڪم تعليمي پس منظر سا?? تعلق رکندڙ لکين ماڻهن ??ي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سا?? واڳيل ماهرن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ مدد فراهم ڪرڻ سا?? گڏوگڏ چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني ڪن ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ مدد فراهم ڪري. هن ??يو ته هر ماڻهو جي اها اخلاقي ذميواري آهي ته هو هڪ صحتمند معاشري کي وڌائڻ جي لاءِ بدعنواني، ڏوهاري سرگرمين ۽ هراسان ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪن. صدر چيو ته قانونن جو لاڳو، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ، قانون جي مناسب عمل جي ذريعي انصاف جي فراهمي ۽ ماڻهن م خوداحتسابي ۽ تقويٰ جو جذبو معاشري جي سطح تي بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان جي صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن جو ادارو پاڪستان ۾ اڪائونٽنگ جي شعبي جي ريگيوليٽري باڊي آهي ۽ ان جا 9 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن، جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ??يو ته آءِ ڪيپ پاڪستان ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي ۽ هو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ايف بي آر ۽ مختلف وزارتن سميت اهم پاليسي ساز ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن سا?? تعاون ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ صدر اڪائونٽنگ جي مختلف شعبن ۾ امتيازي تعليمي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد?? کي گولڊ ميڊل ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽن سا?? نوازيو.