اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف س??ن پيش ايندڙ افسوسناڪ وا??عي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وا??عي جون حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته وا??عي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف س??ن جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪستان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان وا??عي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر س??ن پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته وا??عي جي جاچ رپورٽ اسان کي ??ور?? طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه ??ور?? پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پورو يقين ڏياريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ڪينيا جي صدر ان وا??عي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن فيصلو ڪيو آهي ته ان وا??عي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاءِ درخواست ڪنداسين، ان فيصلي جي ڪابينا ک??ن پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي لاءِ افسوس جوڳو آهي، قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته ان جي شفاف جاچ ٿيندي ۽ حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين.