اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ و??ن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم ??اران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ انهن جي حب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلال جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف ??لوي شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرب??ني تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم ??اران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيندي انهن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.