اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتم?? لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان ??ورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج ??هي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان ??ڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ??ارن جي پورهئي جي چئلينج ??ي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ليبر جي خاتم?? لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ??ي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان ??حروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتم?? لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان ??ورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي پورهئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ ج?? لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتم?? لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتم?? لاءِ گڏجي ڪم ڪن.