لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ تازين بر??اتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وز??را??ظم ايندڙ ڏينهن ۾ متوقع بر??اتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال جي لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ عيد جي ڏينهن ۾ انتظاميا کي مڪمل طور تي الرٽ رهڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قرباني جي عيد تي اتر پنجاب خاص طور تي لاهور ۾ متوقع چوماسي جي بر??اتن جي حوالي سان تياري تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وز??را??ظم لاهور ۾ تازين بر??اتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف تازين بر??اتن جي ڏس ۾ لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وز??را??ظم هد??يت ڪئي ته ص??با??ي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ناقص پاڻي جي نيڪال جي صورتحال جي ذميوارن جو تعين ڪري ڪوتاهي ڪندڙ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي معطل ڪري. وز??را??ظم چيو ته شديد بر??ات ۾ لاڳاپيل ادارن جي سست قدمن شهرين کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو. هن ايندڙ ڏينهن ۾ متوقع بر??اتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال جي لاءِ مڪمل تياري ۽ قرباني جي عيد جي ڏينهن ۾ انتظاميا کي مڪل طور تي الرٽ رهڻ جي هد??يت ڪئي. هن عيد جي ڏنهن ۾ امڪاني بر??اتن جي صورت ۾ سمورن دستياب وسيلن کي ڀرپور استعمال ڪندي ايمرجنسي پلان جوڙ ۽ شهر ۾ جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ گهربل مشينري حاصل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وز??را??ظم هد??يت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ عيد جي دوران قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي سخت مانيٽرنگ ڪن ته جيئن ڪا منع ٿيل تنظيم قرباني جون کلون گڏ نه ڪري سگهي. هن عيد جي ڏينهن ۾ شهرين جي لاءِ صفائي سٿرائي جا انتظام يقيني بڻائڻ ۽ عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانورن جي آلائشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور انتظام ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وز??را??ظم هد??يت ڪئي ته عيد ۽ چوماسي جي ڏس ۾ عوامي سهولت جي لاءِ خصوصي شڪايت سينٽر ۽ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪن. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، ڪمشنر لاهور ۽ ٻين اعليٰ ص??با??ي عملدارن شرڪت ڪئي.