اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ??ي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن ت?? نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آء?? ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن ت?? وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون ??طا تارڙ موجود هئا.