لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو ??ظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو ??ظهار ڪندي چيو ته ده??تگ??دن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيراعظم چيو ته ده??تگ??د پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو جي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو ??ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.