اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گ??رن?? ڪامران خان ٽ??سو??ي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گ??رن?? نگران وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي گ??رن?? وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم سنڌ جي گ??رن?? جا ٿورا مڃيا ۽ لاڳاپيل ادارن کي انهن تجويزن جي حوالي سان تفصيلي مشاورت جون هدايتون ڪيون. نگران وزيراعظم ??يو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.