اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران ??فا??ي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ?? استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آه??، اسان جو عزم آه?? ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آه??. هن چيو ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ?? اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آه??، هن چيو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آه??ون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن استادن کي جديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ايندڙ نسل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آه??.