لاهور-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاق?? وزير مدد علي سنڌي ??يو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي ايوان اقبال ۾ لاهور ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظهور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاق?? وزير خطاب ڪندي ??يو ته مون کي هتي اچي دلي خوشي ٿي آهي، ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هوندو آهي، ان ڏينهن شاگرد ۽ شاگردياڻون پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪندا آهن. هن ??يو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر ??عمت سان نوازيو آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهي، اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندا. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدرسن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي مختلف طبقا پيدا ڪندو آهي. مدد علي سنڌي ??يو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪول مان ٻاهر ??ارن کي واپس آڻڻ آهي. هن ??يو ته ليڊز يونيورسٽي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.