اسلام آ??اد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??اه??ن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وز??رعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي م??اه??ن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وز??راعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحفظ وارن ن??ران وفاقي وز??رن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.