اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ما??ول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽا??ي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني لوڻ طور ما??ڪيٽ ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار کيوڙه ۾ لوڻ جي کاڻ جي دوري دوران ڪيو. صدر کي پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪاروريسن جي مختلف جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني کاڄرو لوڻ کي قابل قدر مصنوعات ۾ بدلائي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، کاڻين جي کوٽا??ي جي عمل دوران لوڻ جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ما??ول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽا??ي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو راڪ سالٽ موجود آهي، پاڪستاني لوڻ معياري، گهٽ قيمت ۽ منرلز سان ڀرپور آهي. صدر سالٽ ما??ن جي اندر مختلف سياحتي جاين جو جائزو ورتو. کيس کيوڙه ۾ موجود لوڻ جي معيار ۽ مختلف نمڪياتي جزن بابت پڻ ٻڌايو ويو. صدر کيوڙه لوڻ جي کاڻ ۾ سالٽ ??ائ??ريري جو افتتاح ڪيو. هن سالٽ ??ائ??ريري ۽ دم جي سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کيوڙه سالٽ ما??ن ۾ دم سينٽر ۾ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي صدر کي کيوڙه سالٽ ما??ن مان لوڻ جي کوٽا??ي جي مختلف مرحلن بابت ٻڌايو. صدر کي لوڻ جي کوٽا??ي جي لاءِ جاري سرگرمين بابت پڻ ٻڌايو ويو. هن کيوڙه ??اڻ جي تاريخي پس منظر ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر پڻ لکيا.