اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت س??ن اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ??ن ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگ?? ۾ ??انون خلاف آهي. اس??ن انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خ??ن اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اس??ن اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽن جي حوالي س??ن اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير ح??ين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم ت??ن اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي س??ن سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ??ن سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.