اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين ??ولين ??رجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سرائ??ڪي ڪلچر ۽ سرائ??ڪي اجرڪ ڊي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين ??ولين ??رجيح رهي آهي. اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. وزيراعظم چيو ته سرائ??ڪي وسيب جا سمورا رنگ خوبصورت ۽ منفرد تهذيب ۽ تمدن جا امين ??هن، ”سرائ??ڪي زبان ڏاڍي مٺي زبان آهي“. سرائ??ڪي زبان ڏکڻ پنجاب ئي نه، بلوچستان ۽ ڀارت ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. هن چيو ته ادب، شاعري ۽ موسيقي ۾ سرائ??ڪي ۽ ان سان واڳيل اهل علم ۽ قلم جو وڏو حصو آهي. سرائ??ڪي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن سنڌو درياءَ جي هزارين ??ال قديم تهذيب سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته حضرت بهاءُ الدين ??ڪريا، حضرت شاهه رڪن عالم، خواجه غلام فريد، مح??د سلمان تونسوي، سخي سرور، شاهه شمس تبريز جهڙن ديني بزرگن ۽ صوفين ??رائ??ڪي زبان جي شان وڌائي. پاڪستان جي هر خطي جي تهذيب ۽ ثقافت جي فروغ تي يقين ??کون ٿا.