اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لا??ِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لا??ِ گي?? چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي لا??ِ نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪيمشن محمد جهانزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظ?? چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لا??ِ گي?? چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، بلوچستان ۾ معدنيات مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لا??ِ مواصلا?? جي انفراسٽرڪچر، خاص طور تي ريلوي لا??ين جي حوالي سان منصوباسازي ڪئي ويندي. وزيراعظم بيرڪ گولڊ کي بلوچستان ۾ معدنيا?? جي ٻين منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ضلعي چاغي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قا??م ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت ۽ بيرڪ گولڊ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لا??ِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن ۾ رستن ۽ مواصلا?? جي بهتر نظام جا منصوبا پڻ شامل آهن. بيرڪ گولڊ وفد وزيراعظم کي ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي فزيبلٽي هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لا??ِ مقامي ۽ بلوچستان ڊوميسائيل جي ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، بيرڪ گولڊ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري تحت ريڪوڊ?? جي ويجهو ٽي ??سڪ??لز قا??م ڪيا آهن، بيرڪ گولڊ پاران هيستائين سئو ماڻهن کي فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي جن ۾ عورتون به شامل آهن.