اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميانوالي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پنجاب پوليس جي بهادر جوانن 10 خوا??جي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاق?? گ??رو وزير ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽي?? کي شاباش ڏيندي چيو ته ميانوالي پوليس جي ٽي?? جرئت سان خوا??جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس ٽي?? کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوالي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجاب پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوا??جي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.