اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ??رڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي ??نه?? جو افغان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پا??ستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن ??و ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پا??ستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ??نه?? جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي